بون-19 مارچ (اي پي پي)ڊي ڊبليو جي ڊائريڪٽر جنرل پيٽر لمبورگ وائيس آف آمريڪا جي بندش کي ڊرامائي صورتحال قرار ڏيندي چيو آهي ته ان جا اثر سڄي دنيا جي آزاد ميڊيا تي به پوندا. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ عالمي نشرياتي ادارن لاءِ وفاقي فنڊنگ ۾ ڪٽوتي جي هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آهن، جنهن کانپوءِ اتي ملازمتن ۾ ڪٽوتين جو عمل شروع ٿي ويو آهي. سن 1942ع ۾ شروع ٿيل آمريڪي نشرياتي اداري وائيس آف آمريڪا ۽ ريڊيو فري يورپ سميت ڪيترائي ميڊيا آئوٽ ليٽس بندش جي ويجهو آهن. صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته هي ادارا غير ضروري پکڙيل ۽ پراڻا ٿي چڪا آهن. جرمني جي عالمي نشرياتي اداري ڊي ڊبليو جي ڊائريڪٽر جنرل پيٽر لمبورگ ان حوالي سان ڊي ڊبليو نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هي هڪ ڊرامائي صورتحال آهي ۽ ان جا اثر سڄي دنيا ۾ آزاد ميڊيا تي به پوندا. مون وائيس آف آمريڪا، ريڊيو فري يورپ ۽ سڀني يو ايس اي جي ايم جي ساٿين کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته ڊي ڊبليو جو عملو ۽ اسان سڀ صدمي ۾ آهيون. منهنجو خيال آهي ته هاڻي اسان رڳو يڪجهتي جو مظاهرو ڪري سگهون ٿا ۽ اميد ڪريون ٿا ته هو ان صورتحال کي منهن ڏيندا. اهو واقعو افسوسناڪ آهي ته اسان جي انهن ساٿين سان ڇا ٿيو، جن سان اسان گذريل ڏهاڪن ۾ ويجهو تعاون ڪيو، پراگ ۾ قائم ريڊيو يورپ جي سربراهه جيمي ايم فلائني ان فيصلي کي آمريڪا جي دشمنن لاءِ هڪ تمام وڏو تحفو قرار ڏنو آهي.