واشنگٽن-19 مارچ (اي پي پي) آمريڪي فيڊرل جج صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران آمريڪي فوج ۾ ٽرانس جينڊر ڀرتين تي لاڳو پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب عدالت ان پابندي کي برابري واري اصول جي خلاف ورزي قرار ڏيندي ختم ڪيو آهي. فيڊرل بورڊ جي جج، صدر ٽرمپ جي ٽرانس جينڊر بابت آمريڪي فوج ۾ پابندي کي ختم ڪيو آهي. صدر ٽرمپ اهو حڪم نامو 27 جنوري تي جاري ڪندي چيو هو ته هو صرف ٻن جنسن تي يقين رکي ٿو ۽ ٽرانس جينڊر ڪلچر جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي ۽ مرد ۽ عورت جي جنس تبديل ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي. آمريڪي فوج ۾ هن وقت هڪ اندازي موجب 15 هزار ٽرانس جينڊر فوجي آهن جيڪي گڏيل تعداد جي 20 لک ۾ شامل آهن. فيبروري ۾ دفاع واري وزير هڪ يادداشت نامو جاري ڪيو هو جنهن ۾ ٽرانس جينڊر شهرين کي آمريڪي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.