ڪراچي-18 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملڪ کي دهشتگردي جو وڏو چئلينج درپيش آهي، سڄي قوم دهشتگردي خلاف متحد آهي، دهشتگردي جي لهر دشمن ملڪن جي ھُشيءَ تي شروع ڪئي وئي. اڄ دهشتگردي بابت اهم بريفنگ ٿيڻ وڃي رهي آهي، پر ملڪ جي هڪ وڏي سياسي پارٽي ان ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ جو اِن ڪئميرا اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ وارو فيصلو افسوسناڪ آهي، اجلاس ۾ شرڪت ڪري پي ٽي آءِ پنهنجا سوال ڪري سگهي پئي. سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته قومي مسئلا سڄي قوم لاءِ هوندا آهن، هر مشڪل ۽ خراب حالتن ۾ قومي مسئلن تي گڏ بيهڻو پوندو آهي، پر پي ٽي آءِ هن نازڪ موڙ تي به رياست سان گڏ نه بيٺي. جيستائين ”اڊيالا جي قيدي“ جي اجازت نه ملندي، اهي قومي معاملن ۾ شرڪت نه ڪندا. سيڪيورٽي ادارن وٽ موجود ثبوت آھن تھ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پويان غير ملڪي هٿ آهي. هن وڌيڪ چيو ته 18 آڪٽوبر تي پيپلز پارٽي جي سوين ڪارڪنن کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو ۽ دهشتگردن پيپلز پارٽي تي حملا ڪيا پر پارٽي هميشه کليل نموني دهشتگردي کي چِٿيندي رهي آهي. پيپلز پارٽي سدائين دهشتگردي خلاف آواز اٿاريو آهي. دهشتگرد تنظيمون سدائين پاڪستان پيپلز پارٽي کي نشانو بڻائينديون رهيون آهن ۽ پيپلز پارٽي ئي اها واحد ۽ نظرياتي پارٽي آهي جيڪا دهشتگردي خلاف بيٺل رهي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪي پارٽيون ماضي ۾ طالبان جون حمايت ڪنديون رهيون، اهي ئي اڄ اِن ڪئميرا اجلاس ۾ شرڪت کان پاسو ڪري رھيون آهن. هن چيو ته سلامتي جي معاملن تي سياست ڪرڻ پي ٽي آءِ جو وڙ رهيو آهي. خيبرپختونخوا ۾ پي ٽي آءِ حڪومت دوران اي پي ايس جو واقعو پيش آيو، بنون جيل ٽوڙيو ويو، تڏهن به پي ٽي آءِ جي حڪومت هئي. اڄ به خيبرپختونخوا جون حالتون خراب آهن، جتي وڏو وزير پنهنجي تڪ ۾ وڃي نٿو سگهي، شام کانپوءِ پوليس روڊن تي گشت نٿي ڪري سگهي. اهي سڀ ناڪاميون ۽ نا اهليون پي ٽي آءِ جي پنهنجي حڪومت جون آهن. هن چيو ته هن وقت سڀني سياسي جماعتن، ملڪ جي سڀني ادارن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي گڏجي انهن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو. بلوچستان ۾ جيڪا باهه ٻري رهي آهي، اها سڀاڻي ڪٿي به پهچي سگهي ٿي. پاڪستان جي سلامتي ۽ مفاد لاءِ سڀني کي گڏجي فيصلا ڪرڻا پوندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جڏهن ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا سان حادثو پيش آيو هو، تڏهن به خان جي ٽائيگرز ۽ ٽرولرز انتهائي ڪِريل مهم هلائي هئي. جعفر ايڪسپريس سانحي تي به پي ٽي آءِ جا ٽرولرز انتهائي ڪريل قسم جي مهم هلائي رهيا آهن، ۽ انهن ماڻهن سان گڏجي مھم هلائي رهيا آهن جيڪي انهن واقعن ۾ سڌي ريت ملوث آهن. جيڪڏهن هي ڳٺ جوڙ ڏٺو وڃي ته ڇا ائين نٿو لڳي ته پي ٽي آءِ هر اهو موقعو وڃائڻ نٿي چاهي، جنهن سان پاڪستان کي نقصان رسي؟ جيڪي ماڻهو غير ملڪي فنڊنگ وٺي رهيا آهن، ڇا ائين ته ناهي ته اهي انهن جي چوڻ تي پنهنجي ئي ملڪ خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائي رهيا آهن؟ جيڪڏهن ڪا پارٽي مسلسل پاڪستان خلاف سازشون ڪندي رهي، ته ان کي نظرانداز ڪيئن ڪري سگهجي ٿو؟ هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي پاڻي جي معاملي تي ڪابھ سوديبازي نه ڪندي ۽ سنڌو درياءُ تي ڪو به ڪينال ٺاهڻ نه ڏيندي. ڪجھ به ٿئي اهي ڪينال نه ٺاهڻ ڏنا ويندا. هيءُ واضح پيغام پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت طرفان آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ سڀني پارٽين ڪينالن جي خلاف ٺھراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو آهي. عيد کانپوءِ صحافين کي موڪليو ويندو ته جيئن هو پاڻ ڏسي سگهن ته ڪينالن تي ڪم ٿي رهيو آهي يا نه ؟ هن چيو ته دنيا ۾ ڪو به اهڙو ملڪ ناهي، جتي غير قانوني مهاجرن کي کليل ڇوُٽ مليل ھجي. اهڙا غير ذميداراڻا بيان پي ٽي آءِ جي بيوقوفن طرفان ايندا آھن.