اوٽاوا -18 مارچ (اي پي پي) ڪينيڊا چيو آهي ته آمريڪا تي دارومدار گهٽائي يورپي ملڪن سان لاڳاپن کي بهتر ڪرڻو پوندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني هڪ بيان ۾ چئي. هن خبردار ڪيو ته اسان کي آمريڪا تي دارومدار گهٽائڻو پوندو، ان بدران هاڻي فرانس ۽ برطانيه سان واپاري ۽ سيڪيورٽي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. ياد رهي ته مارڪ ڪارني جو برطانوي اڳواڻ ڪيئر اسٽارمر ۽ فرانس جي ايمانوئل ميڪرون جو ٽرانس ايٽلانٽڪ دورو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تجويز بعد آيو آهي ته سندس ملڪ گڏيل رياست جو حصو بڻجي سگهي ٿو.