لنڊن _ 18 مارچ (اي پي پي ) برطانيه چيو آهي ته 30 کان وڌيڪ ملڪ يوڪرين ۾ امن فوج موڪلڻ لاءِ تيار آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر جي ترجمان پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ته روس سان امن معاهدو ٿيڻ جي صورت ۾ وڏي انگ ۾ ملڪ يوڪرين کي امن فوج فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهن . ترجمان چيو ته يوڪرين جي حمايت لاءِ اتحادين جي 30 کان وڌيڪ ملڪن جي شرڪت متوقع آهي. هن چيو ته سهڪار جون صلاحيتون مختلف هونديون پر اها هڪ طاقت هوندي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ملڪن جي فوج شريڪ هوندي . سندس چوڻ هو ته في الحال ان حوالي سان ڳالهيون جاري آهن ته ” ڪوئيلشن آف دي ولنگ “ ڇا فراهم ڪري سگهندو. هن چيو ته ان منصوبي جي ڪاميابي لاءِ آمريڪي سيڪيورٽي جون ضمانتون اڃان به ضروري آهن . ترجمان چيو ته يوڪرين ۾ امن فوج کي ڪٿي مقرر ڪيو وڃي ان تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ ڪوئليشن آف دي ولنگ جو دفاعي اڳواڻ خميس ڏينهن لنڊن ۾ ملاقات ڪندو.