تهران _18 مارچ (اي پي پي) ايران چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خط جي جاچ بعد ان جو جوان ڏينداسين . پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته سندس ملڪ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خط جي سموري جاچ پڙتال بعد ان جو جواب ڏيندو. هن چيو ته اسان آمريڪي خط جو خلاصو پڌرائي طورتي ميڊيا ۾ نشر ڪرڻ جو ارادو نٿا رکون، ڊونلڊ ٽرمپ جو خط سندس بيانن کان وڌيڪ مختلف ناهي. هن واضع ڪيو ته ان حوالي سان ميڊيا ۾ جيڪو ڪجهه نشرڪيو ويو ان ۾ وڌيڪ افواهون آهن جيڪي ٺوس بنياد تي ناهن. يمن ۾ حوثين تي آمريڪي فوجي حملي بابت سندس چوڻ هو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته اها پنهنجي نوعيت جي پهرين ڪارروائي ناهي، اهو يقينن مذمت جوڳو ڏوهه آهي جيڪو گڏيل قومن جي منشور جي سمورن بنيادي اصولن ۽ معيارن کان علاوه عالمي قانونن جي به ڀڃڪڙي آهي. اها آمريڪا جي ڊگهي مدي جي پاليسي جو حصو آهي. بدقسمتي سان ان پاليسي ۾ هميشه متاثرن ۽ ڏوهارين کي غلط سمجهيو ويندو آهي. ترجمان خبردار ڪيو ته اسان جي سرزمين جي وحدت يا سلامتي يا اسان جي قومي مفاد کي نشانو بڻائڻ جي ڪنهن به ڪارروائي جو اسان جي طرفان ڀرپور ۽ پوري طاقت سان جواب ڏنو ويندو.