واشنگٽن – 17 مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هُو 18 مارچ تي روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان يوڪرين تڪرار کي حل ڪرڻ بابت ڳالهائڻ جو ارادو رکي ٿو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن فلوريڊا کان واشنگٽن وڃڻ واري اڏام دوران ايئر فورس ون ۾ سوار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي خيال ۾ اسان روس سان تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آهيون، مان اڱاري تي روس جي صدر سان ڳالهائيندس. هفتي جي آخر ۾ گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي. هن چيو ته زمين ۽ پاور پلانٽس روس جي اڳواڻ سان سندس ڳالهه ٻولهه جو حصو هوندا. هن چيو ته اسان ڏسڻ چاهيون ٿا ته ڇا ان جنگ کي ختم ڪري سگهون ٿا. شايد ها به يا نه به پر اسان وٽ اهو تڪرار ختم ڪرڻ جو تمام سٺو موقعو آهي.