بيجنگ – 15 مارچ (اي پي پي) چين لانگ مارچ-2 ڊي ڪيريئر راڪٽ لانچ ڪري ڇڏيو. ميڊيا رپورٽن موجب چين راڪيٽ کي جيو ڪوان سيٽلائٽ لانچ سينٽر تان گذريل ڏينهن مقامي وقت موجب 12:11 منٽن تي سٽلائٽ گائو جنگ-3 جي طئي ڪيل مدار ۾ موڪليو آهي. اهو لانگ مارچ سيريز جي راڪيٽن جو 564 هون فلائٽ مشن آهي.