مڪو شريف – 15 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت جو چوڻ آهي ته حج سيزن 2025ع لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن جن جو مقصد حج پانڌيئڙن جي مڪي ۾ ترسڻ دوران کين هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ آهي. ميڊيا رپورٽن موجب حج پائڌيئڙن جي رهنمائي لاءِ 1966ع نمبر مختص ڪيو ويو آهي جڏهن ته صحت ۽ ايمرجنسي سروسز لاءِ 977 ٽول فري نمبر تي هر وقت رابطي جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. حج پانڌيئڙا حج خدمتون معلوم ڪرڻ لاءِ 937 نمبر تي رابطو ڪري سگهن ٿا. وزارت جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل نمبرن تي رابطي جي سهولت 24 ڪلاڪن جي بنياد تي فراهم ڪئي ويندي.