ٽوڪيو – 15 مارچ (اي پي پي) جاپان ۾ پرڏيهي رهواسين جو انگ 37 لک کان وڌيڪ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري اميگريشن خدمتن جي اداري جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته گذريل سال جي آخر تائين ملڪ ۾ اٽڪل 37 لک 69 هزار پرڏيهي رهائشي آهن. اهو انگ 2023ع جي آخر جي ڀيٽ ۾ 3 لک 58 هزار وڌيڪ آهي. سروي مطابق ملڪ ۾ اٽڪل 4 لک 57 هزار پرڏيهي ٽيڪنيڪل انٽرن رهائشي آهن، جيڪي هڪ سال اڳ جي ڀيٽ ۾ 52 هزار وڌيڪ آهن. شاگردن جو 4 لک 2 هزار هو جيڪو 61 هزار وڌيڪ آهي. خاص هنرمند ڪارڪنن جي ويزا رکندڙ ماڻهن جو انگ ۾ 76 هزار جو اضافو ٿيو ۽ اهو 2 لک 84 هزار تائين وهچي ويو. ڪورونا وائرس جي عالمي وبا کانپوءِ سرحدي ڪنٽرول قدمن ۾ نرمي ۽ ين جي صدر گهٽجڻ سبب ماڻهو وڌيڪ انگ ۾ جاپان آيا. ٻئي پاسي 1184 پرڏيهي شهرين جي رهائشي ويزا رد ڪئي وئي. اهو انگ 2023ع جي ڀيٽ ۾ 56 سيڪڙو گهٽ آهي.