گڏيل قومون – 14 مارچ (اي پي پي) پاڪستان سوڊان جي جهيڙيندڙ فوجي ڌرين تي زور ڀريو آهي ته هو فوري طور تي ويڙهه ختم ڪري ٻيهر ڳالهيون شروع ڪن. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سلامتي ڪائونسل ۾ سوڊان جي بگڙجندڙ صورتحال تي بحث دوران خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اتي فوجي ڌرين وچ ۾ ويڙهه فوري ختم ڪئي وڃي. هن چيو ته ان تڪرار جو فوجي حل ممڪن ناهي، جنگ سوڊان جي عوام لاءِ وڌيڪ جاني نقصان ۽ تباهي جو سبب بڻجندي. سندس چوڻ هو ته سوڊان ۾ فوجي ڌرين وچ ۾ جاري ويڙهه ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي چڪا آهن، هڪ ڪروڙ 20 لک بي گهر ٿي چڪا آهن جڏهن ته 30 لک شهرين کي پاڙيسري ملڪن ۾ پناهه وٺڻي پئي. پاڪستاني نمائندي خبردار ڪيو ته ويڙهه جاري رهڻ جا ڏکڻ سوڊان سميت سڄي خطي تي سنگين اثر پوندا. سفير منير اڪرم ريپڊ سپورٽ فورسز ۽ ان جي اتحادين طرفان سوڊان ۾ متوازن گورننگ اٿارٽي قائم ڪرڻ لاءِ هڪ چارٽر تي صحيحيون ڪرڻ جي شديد مذمت ڪئي. هن چيو ته اهڙي ڪا به پرڏيهي مداخلت ۽ ڪو منصوبو جيڪو گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن کي نقصان پهچائي ٿو ته اهو تڪرار کي وڌيڪ مونجهاري جو شڪار بڻائيندو. جڏهن ته اهو جلد حل ۾ رڪاوٽ جو پڻ سبب هوندو ۽ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي وڌيڪ نقصان پهچائيندو. سوڊان ۾ انساني صورتحال کي خطرناڪ قرار ڏيندي پاڪستاني نمائندي سمورين ڌرين کان مطالبو ڪيو ته هو عالمي انساني قانون جي پابندي ڪن ۽ متاثر علائقن تائين انساني امداد جي فراهمي کي آسان بڻائين. هن چيو ته عالمي برادري کي سوڊان جي حڪومت سان گڏجي اتي انساني بحران جي خاتمي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ انساني همدردي جي بنياد تي امداد ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته سوڊان م هڪ بااختيار وزيراعظم جي مقرري ۽ عارضي دور جي نگراني لاءِ آزاد قومي ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جوڙڻ هاڪاري قدم ٿي سگهن ٿا.