قاهره – 14 مارچ (اي پي پي) مصر ۾43 ورهين جي شهري 279 ٽن وزني ٽرين ڇڪي رڪارڊ قائم ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ غير معمولي مصر جي شهري قاهره جي رمسيس ٽرين اسٽيشن تي 279 ٽن وزني ٽرين ڇڪي گنيز ورلڊ رڪارڊ ۾ پنهنجو نالو لکرائي ڇڏيو. گذريل ڏينهن 43 ورهين جي مصر جي شهري اشرف ڪابونجا گنيز ورلڊ رڪارڊ جي وفد جي موجودگي ۾ روزي جي حالت ۾ 279 ٽن وزني ٽرين ڇڪي دنيا جي مضبوط ترين انسان هجڻ لاءِ گنيز بڪ ۾ رڪارڊ قائم ڪيو . اشرف ڪابونجا ٻڌايو ته لڳاتار ڇهون ڀيرو دنيا جو مضبوط ترين انسان بڻجڻ جو خواب ڏٺو هيو ته جيئن گنيز بڪ ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ٿي وڃان. هن وضاحت ڪئي ته ان ٽيسٽ کي ٽن مرحلن ۾ ورهايو ويو هيو ۽ هو ٽنهي ۾ ڪامياب ٿي ويو. هن چيو ته مون رمضان شريف جي مهيني ۾ ٽرين ڇڪڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن روزي جي حالت ۾ ۽ پنهنجي خواب کي حاصل ڪري سگهان ۽ دنيا جو مضبوط ترين انسان بڻجي سگهان.