بغداد-14 مارچ (اي پي پي ) عراق ۾ صحافي کي سر عام گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب عراق جي گادي واري شهر بغداد ۾ ڏينهن ڏٺي هڪ صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. عراق جي گهرو وزارت بغداد ۾ صحافي ليث محمد رضا قتل جا تفصيل ٻڌائيندي انڪشاف ڪيو ته اهو قتل جو نه پر تڪرار جو نتيجو هيو. گهرو وزارت گذريل ڏينهن فيس بڪ تي پوسٽ ڪيل هڪ سرڪاري بيان ۾ تصديق ڪئي ته اهو واقعو بغداد ۾ پيش آيو جتي عراقي نيوز ايجنسي (آئي اين اي ) لاءِ ڪم ڪندڙ صحافي ليث محمد رضا ۽ هڪ ٻئي شخص وچ ۾ جهيڙو وڌي ويو. ان موقعي تي ٻئي شخص صحافي کي گولي هڻي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب هو بغداد جي العرصات جي علائقي ۾ گولي لڳڻ سبب مارجي ويو.