اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هندو برادري کي هوليءَ جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي ڏينهن بهار جي آمد جو اعلان، محبت، سٺائي جي فتح جي علامت ۽ هڪ متحرڪ توانائي جو احساس ڏياري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ائون سڄي پاڪستان ۾ هندو برادري کي هوليءَ جي خوشي جي موقعي تي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، هي ڏِڻ جيڪو بهار جي آمد جو اعلان ۽ محبت ۽ سٺائي جي فتح جي علامت آهي هڪ متحرڪ توانائي جو احساس ڏياري ٿو. وزيراعظم چيو ته نئين شروعات ۽ تجديد لاڳاپن جي مضبوطي جو جشن ملهائيندي هي ڏينهن هڪ مضبوط ۽ وڌيڪ متحد قوم جي تعمير جي اهميت ۽ سمورن شهرين جي شموليت کي اجاگر ڪري ٿو، رنگن جو هي ڏِڻ توهان جي زندگين کي خوشين، صحت ۽ خوشحالي سان ڀري ڇڏي. هوليءَ مبارڪ.