رياض-06 آگسٽ(اي پي پي) خادم الحرمين الشريف شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي سرپرستي ۾ رياض اڪنامڪ فورم جو 12 هون ايڊيشن رياض انٽرنيشنل ڪنوينشن اينڊ ايگزهيبيشن سينٽر ۾ 12 آڪٽوبر کان شروع ٿيندو ۽ 14 آڪٽوبر تائين جاري رهندو. پرڏيهي ميڊيا موجب فورم ۾ وزيرن، سرڪاري ۽ خانگي شعبي جي ماهرن، اقتصادي ماهرن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي شرڪت ڪرڻي آهي. رياض چيمبر جي چيئرمين انجنيئر عبدالله العبيڪان فورم جي لڳاتار سرپرستي …
رياض اڪنامڪ فورم جو 12هون ايڊيشن 12 آڪٽوبر کان شروع ٿيندو

مزید خبریں
رياض-06 آگسٽ(اي پي پي) خادم الحرمين الشريف شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي سرپرستي ۾ رياض اڪنامڪ فورم جو 12 هون ايڊيشن رياض انٽرنيشنل ڪنوينشن اينڊ ايگزهيبيشن سينٽر ۾ 12 آڪٽوبر کان شروع ٿيندو ۽ 14 آڪٽوبر تائين جاري رهندو. پرڏيهي ميڊيا موجب فورم ۾ وزيرن، سرڪاري ۽ خانگي شعبي جي ماهرن، اقتصادي ماهرن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي شرڪت ڪرڻي آهي. رياض چيمبر جي چيئرمين انجنيئر عبدالله العبيڪان فورم جي لڳاتار سرپرستي تي سعودي قيادت جي تعريف ڪندي ان کي مملڪت جي اقتصادي ترقي جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جي عڪاسي قرار ڏنو. هن چيو ته فورم پنهنجي اسٽڊيز جي تياري ۾ هڪ سائنسي طريقيڪار کي اپنائي ٿو جنهن جي شروعات قومي معيشت کي درپيش ترجيحي مسئلن ۽ چئلينجز جي نشاندهي سان ٿئي ٿي. ماهرن سرڪاري خانگي شعبي جي نمائندن تي مشتمل خصوصي ورڪنگ گروپس فيلڊ اسٽيڊيز ۽ سائنسي تجزيو ڪن ٿا . جيڪا ڊيٽا انڊيڪيٽرز ۽ بهترين عالمي طريقن تي ٻڌل آهي. انهن نتيجن تي فورم جي سيشنز دوران خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي ته جيئن انهن کي بهتر بڻائڻ سان عملي ۽ قابل عمل سفارشون تيار ڪري سگهجن. رياض اڪنامڪ فورم جي 12هين ايڊيشن ۾ سامهون ايندڙ اسٽڊيز ۽ سفارشن جي مدد سان معاشي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ ۽ قومي معيشت جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي .











