اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي حاجي رسُول بخش چانڊيو چيو آهي ته سنڌُو درياهه سنڌ جي جياپي جو ڪارڻ آهي، اُن تي ڪو هڪ به ڪئنال نه کپي، لاڙڪاڻو کان بدين تائين سنڌ هڪ ئي آواز آهي ۽ اسان پنهنجي نڙي تي ڪنهن کي نُنهن ڏيڻ نه ڏينداسين، پيلزپارٽي جڏهن به ميدان تي نڪتي آهي ته ڪاميابي جي تاريخ لکي آهي. اي پي پي سان ڳالهائيندي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي حاجي رسُول بخش چانڊيو چيو ته سمنڊ اڳ ۾ ئي لکين ايڪڙ زمين پائي چُڪو آهي ۽ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي، ۽ لاڙ پٽي ۾ هر وقت ڏُڪار جي صورتحال هُوندي آهي، هِن چيو ته اهو صدر آصف علي زرداري هو جنهن محترمه جي شهادت جي وقت پاڪستان کپي جو نعرو هنيو هو ۽ اها پيلزپارٽي جي تاريخ رهي آهي ته هُن سدائين مُلڪ جي بقاءَ لاءِ پنهنجي جانين جي قرباني ڏني آهي ۽ هاڻ به مُلڪ ۽ قوم سان گڏ بيٺل آهي، هِن چيو ته صدر تازو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ۾ سنڌُو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جي منصوبي جي مُخالفت ڪئي آهي ۽ اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن سنڌُو مان ڪئنال نڪتا ته سنڌ بنجر بڻجي ويندي ۽ اسان واضح لفظن ۾ چئُون ٿا ته سنڌُو درياهه تي ڪوبه ڪئنال نه کپي ۽ پيلزپارٽي جي جدوجهد جي اها تاريخ آهي ته هُن جڏهن به جدوجهد ڪئي آهي ته اها ڪامياب وئي آهي، ايم آر ڊي تحريڪ اُن جو مثال آهي، هن چيو ته هن وقت لاڙڪاڻو کان ويندي بدين تائين سڀ هڪ آواز آهن ته سنڌُو تي ڪوبه ڪئنال قبُول نه آهي، هِن چيو ته سنڌ اسيمبلي ڪئنالن خلاف قرارداد منظور ڪندي سنڌ دوستي جو ثبوت ڏنو آهي ۽ پيپلزپارٽي اهڙي ڪنهن به منصوبي جي حمايت نه ڪندي جيڪو عوام جي امنگن جي خلاف هُجي، حاجي رسُول بخش چيو ته اسان هر محاذ تي احتجاج ڪنداسين ۽ پنهنجي حقن تان ڪڏهن به هٿ نه کڻنداسين، هِن چيو ته پيلزپارٽي کي ڪوبه غداري جو مهڻو نه، جيڪڏهن ڪنهن جي اسان جي جدوجهد جهڙي تاريخ آهي ته سامهُون اچي، پيپلزپارٽي عوام آهي ۽ عوام پيلزپارٽي آهي ۽ اسان جو جيئڻ مرڻ هڪٻئي سان آهي.