واشنگٽن – 13 مارچ (اي پي پي) آمريڪا چيو آھي ته هو روس تي ڪا به نئين پابندي نه لڳائيندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته روس خلاف نيون پابنديون لڳائڻ ضروري نه ٿا سمجھون ڇو ته يوڪرين ۾ بحران جو حل ان جي ترجيح آھي. آمريڪي سربراه چيو ته مان مالي طور اھڙا ڪم ڪري سگھان ٿو جيڪي روس لاءِ تمام خراب ثابت ٿيندا پر مان ان جي حق ۾ نه آھيان ڇو ته مان امن چاھيان ٿو.