ماسڪو – 13 مارچ (اي پي پي) روس چيو آھي ته يوڪرين جي زمين تي نيٽو فوج جي ڪنھن به شڪل ۾ موجودگي اسان لاءِ خطرو آھي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق روس جي پرڏيھي وزير سرگئي لاروف ھڪ انٽرويو ۾ چيو ته آمريڪا جي وفد رياض ۾ اسان سان ڳالھين دوران ان ڳالھه جي تصديق ڪئي ته ھو روس سان معمول جي لاڳاپن جو خواھشمند آھي ۽ سنجيده ڳالھين لاءِ تيار آھي. ھن چيو ته رياض ۾ جڏھن آمريڪا جي پرڏيھي وزير مارڪو روبيو، آمريڪا جي قومي سلامتي جي صلاحڪار مائيڪ والٽز ۽ وچ اوڀر لاءِ آمريڪا جي خصوصي ايلچي اسٽيووٽ ڪوف سان ملاقات ٿي ته اسان کي اندازو ٿيو ته ھو معمول جا لاڳاپا چاھين ٿا. سندس چوڻ ھو ته ٽرمپ انتظاميا تحت آمريڪي پرڏيھي پاليسي جو بنياد آمريڪي قومي مفادن جو تحفظ آھي. ھن چيو ته هن وقت آمريڪي سمجھن ٿا ته ٻين ملڪن جا به پنھنجا قومي مفاد آھن ۽ هو انھن ملڪن سان سنجيده ڳالھين لاءِ تيار آھن جن جا پنھنجا قومي مفاد آھن ۽ اھي ٻين جي مثال تي عمل نه ٿا ڪرڻ چاھين. ھن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جو موقف آھي ته اسان جا اختلاف چاھي ڪيترا ئي وڏا ڇو نه ھجن جنگ ۾ تبديل نه ٿيڻ گھرجن، جيڪڏھن اسان کي گڏيل مفاد ملن ٿا ته انھن کي ٺوس قدمن ۾ تبديل ڪرڻ جي موقعي مان فائدو کڻڻ گھرجي.