گڏيل قومون -12 مارچ (اي پي پي) پاڪستان غزه ۽ اولهندي ڪناري لاءِ يورپي يونين جي امداد جي آجيان ڪئي آهي ۽ گڏيل قومن جي بجيٽ لاءِ يورپي يونين جي مسلسل حمايت ۽ گڏيل قومن جي امن مشن ۽ امن قائم ڪرڻ وارين سرگرمين لاءِ يورپي يونين جي ڪردار تي روشني وجهندي چيو ته يورپي يونين تبديل ٿيندڙ جاگرافيائي ۽ سياسي حالتن باوجود گڏيل قومن جي امن مشن جي مدد جاري رکي آهي.گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گڏيل قومن سان يورپي يونين جي شراڪتداري تي سلامتي ڪائونسل جي سالياني بريفنگ ۾ خطاب ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پائيدار امن، جامع ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل قومن جي چارٽر تحت عالمي نظام جي ضرورت آهي. پاڪستاني نمائندي ان سلسلي ۾ يوڪرين ۾ جلد امن قائم ڪرڻ تي زور ڀريو ۽ يورپي يونين پاران غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ انساني امداد سان گڏوگڏ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي جي حمايت تي يورپي يونين جي آجيان ڪئي. هن چيو ته سمورن تڪرارن کي گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن مطابق حل ڪرڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي چيو ته اسان عرب ۽ هاڻي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ٻه رياستي حل جي بنياد تي فلسطين ۾ غزه جي نئين سر تعمير ۽ امن منصوبي لاءِ يورپي يونين جي حمايت جي آجيان ڪيون ٿا. هن چيو ته هڪ اسرندڙ ملڪ طور پاڪستان پئرس ڪلائيمينٽ ايگريمينٽ (معاهدي) 2030ع جي ايجنڊا ۾ عالمي مالياتي ڍانچي جي سڌارن، آفتن سبب متاثر ماڻهن لاءِ انساني امداد جي فراهمي لاءِ يورپي يونين جي عزم جي واکاڻ ڪري ٿو. هن چيو ته 15 رڪني ڪائونسل کي ٻڌايو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن عالمي ترقياتي سهڪار تمام گهڻو دٻاءُ جو شڪار آهي، يورپي يونين جي مستقل حمايت سميت گڏيل قومن جون ايجنسيون، فنڊز ۽ پروگرامز اهم هوندا. هن چيو ته اسان اسپين ۾ ترقي لاءِ مالي مدد بابت چوٿين عالمي ڪانفرنس ۾ ٺوس نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ يورپي يونين جي سهڪار جا منتظر آهيون. پاڪستاني نمائندي يورپي يونين ۽ پاڪستان جي شراڪتداري کي مضبوط، جامع ۽ وسيع پئماني تي بيان ڪندي چيو ته يورپي يونين پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري ۽ سيڙپڪاري شراڪتدار آهي.