واشنگٽن-12 مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو يوڪرين جنگ بندي رٿا جي حوالي سان جلد پنهنجي روس جي هم منصب ولاديمير پيوٽن سان ڳالهائيندو. ميڊيا رپورٽن موجب يوڪرين پاران فوري طور تي 30 ڏينهن جي جنگ بندي واري آمريڪي تجويز سان اتفاق بعد آمريڪي صدر يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي کي گهرايو آهي. يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي روس سان اهو معاهدو قبول ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته جيڪڏهن روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ان معاهدي کي قبول ڪرڻ تي راضي ٿي ويندو ته فوري طور تي جنگ بندي واري منصوبي تي عمل ڪيو ويندو. يوڪرين عارضي جنگ بندي جي حصن جا اهم نقطا تجويز ڪيا آهن انهن ۾ هوائي حملا، ميزائل حملا، بم ۽ ڊگهي مفاصلي تائين مار ڪندڙ ڊرون حملا، سامونڊي جنگ روڪڻ، جنگي قيدين جي آزادي ۽ روس منتقل ڪيل يوڪرين جي ٻارن جي واپسي شامل آهي. روس جي پارليامينٽ جي هڪ ميمبر مطالبو ڪيو آهي ته ڪا به جنگ بندي آمريڪا جي نه پر روس جي شرطن تي ٿيندي، جيڪو هن وقت جنگ جي ميدان ۾ مضبوط ملڪ آهي.