قاهره -12 مارچ (اي پي پي) مصر جي تعليم ۽ سائنسي تحقيق سان واڳيل وزارت نيشنل انسٽيٽيوٽ فار ايسٽراناميڪل اينڊ جيو فزيڪل ريسرچ 30 کان وڌيڪ ملڪن ۾ 30 مارچ تي عيدالفطر ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. انسٽيٽيوٽ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي، ته شوال جو چنڊ 29 رمضان 1446 هجري ۽ 29 مارچ 2025ع جي مناسبت سان قاهره جي مقامي وقت موجب منجهند جو هڪ وڳي کان پوءِ پيدا ٿيندو، ان ڏينهن قاهره ۾ سج لهڻ کان پوءِ چنڊ 11 منٽن تائين ڏسي سگهبو. مصر جي باقي گورنريٽس ۾ نئون چنڊ 9 کان 12 منٽن تائين آسمان تي رهندو. انسٽيٽيوٽ پاران اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، ته جن ۾ ملڪن 30 مارچ تي عيدالفطر ملهائي ويندي انهن ۾ پاڪستان سميت الجزائر، طرابلس، اومان، دمشق، سعودي عرب، قدس شريف، بغداد، عدن رياض، منامه تهران، دوحه، ابوظهبي، دبئي، مسقط، انڊونيشيا، برازيليا، آمريڪا، لنڊن ۽ روس شامل آهن.