لاس اينجلس _ 11 مارچ (اي پي پي ) آمريڪا جي قومي خلائي تحقيقي اداري ناسا ۽ ارب پتي ايلون مسڪ جي ڪمپني اسپيس ايڪس خلائي اسٽيشن تي نئين عملي جي مشن کي لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ناسا چيو آهي ته هو اسپيس ايڪس سان ملي ڪري عالمي خلائي اسٽيشن (آئي ايس ايس ) لاءِ نئين عملي جو مشن شروع ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ، ان نئين مشن جو ڪوڊ نالو ڪريو -10 آهي، ان ۾ ناسا جي خلابازن اين ميڪ ڪلين ۽ نڪول آئرس، جاپان ايرو اسپيس ايڪسپلوريشن ايجنسي جو خلاباز تاڪويااونيشي ۽ روس جي قومي خلائي تحقيقاتي اداري روسڪوسموس جي خلاباز ڪيرل پيسڪوف کي آءِ ايس ايس موڪليو ويندو.