اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دانش اسڪولن کانپوءِ دانش يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته دانش يونيورسٽي هڪ اهڙي درسگاهه هوندي جتي مستحق ۽ لائق شاگردن کي اعليٰ درجي جي تحقيق تي ٻڌل تعليم سان ليس ڪيو ويندو، برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي پاران پاڪستان کي واپس ڪيل 190 ملين پائونڊ سپريم ڪورٽ پاران حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقل …
وزيراعظم پاران دانش اسڪولن کانپوءِ دانش يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو اعلان، برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي پاران پاڪستان کي واپس ڪيل 190 ملين پائونڊ دانش يونيورسٽي جي تعمير ۾ استعمال ڪيا ويندا: محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دانش اسڪولن کانپوءِ دانش يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته دانش يونيورسٽي هڪ اهڙي درسگاهه هوندي جتي مستحق ۽ لائق شاگردن کي اعليٰ درجي جي تحقيق تي ٻڌل تعليم سان ليس ڪيو ويندو، برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي پاران پاڪستان کي واپس ڪيل 190 ملين پائونڊ سپريم ڪورٽ پاران حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيا ويا آهن، اهي دانش يونيورسٽي جي تعمير ۾ استعمال ڪيا ويندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ دانش يونيورسٽي آف اپلائيڊ اينڊ ايمرجنگ سائنسز جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي پاران پاڪستان کي واپس ڪيل 190 ملين پائونڊز سپريم ڪورٽ کان وفاقي حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيا ويا آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب اها رقم دانش يونيورسٽي جي تعمير ۾ استعمال ڪئي ويندي. وزيراعظم 190 ملين پائونڊ جي رقم وفاقي حڪومت کي منتقلي تي چيف جسٽس آف پاڪستان جا ٿورا مڃيا. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته دانش يونيورسٽي هڪ اهڙي درسگاهه هوندي جتي مستحق ۽ لائق شاگردن کي اعليٰ درجي جي تحقيق تي ٻڌل تعليم سان ليس ڪيو ويندو. وزيراعظم يونيورسٽي جي لاءِ اسلام آباد ۾ زمين حاصل ڪرڻ جي لاءِ قانوني گهرجون جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن يونيورسٽي جي چارٽر ۽ ٻيا قانوني معاملا جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم دانش يونيورسٽي کي عالمي معيار جي ٽيڪنيڪل اينڊ اپلائيڊ يونيورسٽي ٺاهڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن هدايت ڪئي ته يونيورسٽي جي عمارت کي سادگي ۾ نمايان عنصر هجي، يونيورسٽي جي عمارت کي ڳاڙهين سرِهن سا تعمير ڪيو ويندو ۽ عمارت تي ڪو غيرضروري خرچ نه ڪيو وڃي ته جيئن لاڳت گهٽ کان گهٽ ٿئي. هن چيو ته يونيورسٽي جي لاءِ اعليٰ تعليم يافته استادن ۽ فيڪلٽي کي ڀرتي ڪيو ويندو، دانش يونيورسٽي جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد تحقيق جي حوالي سان سمورن اوزارن سان ليس هوندي، هن هدايت ڪئي ته دانش يونيورسٽي جو نصاب جديد ۽ عالمي معيار موجب جوڙيو وڃي. وزيراعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي مقرري جي حوالي سان سرچ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي ۽ بورڊ آف ٽرسٽيز جي نامزدگين جي حوالي سان ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي دانش يونيورسٽي ۽ اسڪولز جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم پاڪستان دانش يونيورسٽي جو پيٽرن هوندو، دانش يونيورسٽي جي رجسٽريشن سيڪشن 42 ڪمپني جي طور تي ڪئي ويندي جنهن جي لاءِ سمورا ضروري معاملا ڪجهه ئي ڏينهن ۾ مڪمل ڪيا ويندا، دانش يونيورسٽي جي لاءِ سيڪٽر ايڇ 16 ۾ زمين جي چونڊ ڪئي وئي آهي، دانش يونيورسٽي جا معاملا دانش ٽرسٽ تحت هوندا ته جيئن ادارو پنهنجي مالي معاملن ۾ خودمختيار هجي ۽ ان ۾ حڪومتي عمل دخل گهٽ کان گهٽ هجي، شگر، گلگت ۽ باغ ۾ جلد ئي دانش اسڪولز جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويندو، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي علائقي نيلم ويلي ۽ ڪراچي جي پٺتي پيل علائقن ۾ پڻ دانش اسڪولز قائم ڪيا ويندا. اجلاس ۾ منصوبابندي وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، تعليم ۽ فني تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.








