وزيراعظم پاران عوامي نمائندن ۽ وزيرن کي رمضان بازار، سهولت اسٽالز ۽ ٻين مخصوص جاين جا دورا ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رمضان المبارڪ ۾ عوام کي ضرورت جي سستي شين جي فراهمي جي لاءِ عوامي نمائندن ۽ وزيرن کي رمضان بازار، سهولت اسٽالز ۽ ٻين مخصوص جاين جا دورا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پرائيس ڪنٽرول جي نظام جي مسلسل نگراني ڪئي وڃي، يقيني بڻايو وڃي ته ڪو به ناجائز منافعي خور سزا کان بچي نه …

اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رمضان المبارڪ ۾ عوام کي ضرورت جي سستي شين جي فراهمي جي لاءِ عوامي نمائندن ۽ وزيرن کي رمضان بازار، سهولت اسٽالز ۽ ٻين مخصوص جاين جا دورا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پرائيس ڪنٽرول جي نظام جي مسلسل نگراني ڪئي وڃي، يقيني بڻايو وڃي ته ڪو به ناجائز منافعي خور سزا کان بچي نه سگهي ۽ ڪو بيگناهه عتاب هيٺ نه اچي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ رمضان المبارڪ دوران کاڌي پيتي جون شيون گهٽ اگهن تي فراهم ڪرڻ جي لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جي ڪارڪردگي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي، مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم رمضان المبارڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون ڪنٽرول ڪرڻ ۽ عوام کي ضرورت جي شين جي گهٽ اگهن تي دستيابي تي ڪميٽي ۽ اسلام آباد انتظاميا جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته يقيني بڻايو وڃي ته ڪو به منافعي خور سزا کان بچي نه سگهي ۽ ڪو بيگناهه عتاب هيٺ نه اچي، رمضان مهيني ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم هدايت ڪئي ته عوامي نمائندا ۽ وفاقي وزير ضرورت جي سستي شين جي عوام جي فراهمي جي لاءِ اسلام آباد ۾ قائم رمضان بازار، سهولت اسٽالز ۽ ٻين مخصوص جاين جا دورا يقيني بڻائين. وزيراعظم چيو ته پرائس ڪنٽرول جي نظام جي مسلسل نگراني ڪئي وڃي ته جيئن عوام کي ريليف جي فراهمي ۾ ڪا گهٽتائي نه اچي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي قيمتون گهٽ ڪرڻ جي قدمن، کاڌي پيتي جي سستي شين جي فراهمي جي لاءِ قائم ڪيل سهولت مرڪزن ۽ ناجائز منافعي خورن جي خلاف کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ 16 سهولت اسٽالز، 5 رمضان بازار، 18 فيئر پرائس دڪان ۽ ڪيتريون ئي ٻيون سهولتون قائم ڪيون ويون آهن، انهن سهولتن ۾ گيهه، بيضا، داليون، کنڊ، مرغي ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون مارڪيٽ ريٽ کان گهٽ اگهن تي وڪرو ٿي رهيون آهن، 12 ضرورت جي شين جي گهٽ اگهن تي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڊپارٽمينٽل اسٽورز ۾ ڊي سي ڪائونٽر قائم ڪيا ويا آهن، رمضان المبارڪ جي شروعات کان هيستائين ناجائز منافعي خورن جي خلاف 4915 انسپيڪيشنز، 785 گرفتاريون ۽ 728000 رپين جا ڏنڊ هنيا ويا آهن، پرائيس مئجسٽريٽس جي ڪارڪردگي جي نگراني جي لاءِ آن لائين ايپ استعمال ڪئي پئي وڃي، بيت المال تحت اسلام آباد ۾ 8 جاين تي مستحق روزيدارن کي افطاري جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي.