اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جيستائين ملڪ ۾ مڪمل طور تي امن قائم نه ٿيندو ترقي جو خواب پورو نه ٿيندو، هلندڙ مهيني مٽاسٽا جو ناڻُ 13.1 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي، انهي تيزي سان اسان کي پنهنجي روانگي واپار کي وڌائڻو آهي، پاڪستان جي معاشي ترقي جي لاءِ زراعت، انڊسٽري، ڪامرس، فنانس، …
جيستائين ملڪ ۾ مڪمل طور تي امن قائم نه ٿيندو ترقي جو خواب پورو نه ٿيندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جيستائين ملڪ ۾ مڪمل طور تي امن قائم نه ٿيندو ترقي جو خواب پورو نه ٿيندو، هلندڙ مهيني مٽاسٽا جو ناڻُ 13.1 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي، انهي تيزي سان اسان کي پنهنجي روانگي واپار کي وڌائڻو آهي، پاڪستان جي معاشي ترقي جي لاءِ زراعت، انڊسٽري، ڪامرس، فنانس، آءِ ٽي، معدنيات ۽ ميري ٽائيم انتهائي اهم شعبا آهن، ريلويز جي مڪمل ٽرانسفارميشن ڪئي وڃي، هر ٽن مهينن کانپوءِ وزارتن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو، 190 ملين پائونڊ سان جديد ترين دانش يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته نئين وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص معاونين کي دل جي گهراين سان ڀليڪار چوان ٿو ۽ مبارڪباد ڏيان ٿو، انهن جي شموليت سان حڪومت جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ نکار ايندو، اسان گڏجي ترقي ۽ خوشحالي جو سفر جاري رکنداسين. هن چيو ته ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ حڪومت جي سالياني ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو ويو هو، آءِ ايم ايف جي معاونت سان معاشي استحڪام آيو آهي، اسان کي ملڪي ترقي جي لاءِ محنت ڪرڻي آهي. هن چيو ته معاشي شعبي سان واڳيل ادارن جي ڪارڪردگي ۽ معاملا اطمينان جوڳا آهن، آءِ ايم ايف جو مشن پاڪستان جي دوري تي آهي، انهن سان ناڻي وارو وزير ۽ لاڳاپيل عملدار ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهن، مهانگائي ۽ پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي جهڙا قدم کنيا آهن، پاڪستان جي معاشي ترقي جي لاءِ زراعت، انڊسٽري، ڪامرس، فنانس، آءِ ٽي، معدنيات ۽ ميري ٽائيم انتهائي اهم شعبا آهن، ريلويز جي مڪمل ٽرانسفارميشن ڪئي وڃي، ميري ٽائيم جي شعبي ۾ بي پناهه صلاحيت آهي، هر ٽن مهينن کانپوءِ وزارتن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو ۽ ان جا نتيجا قوم آڏو آڻينداسين. هن چيو ته اسان عوام جا نمائندا آهيون ۽ ان جي خدمت ڪرڻ آيا آهيون، اسان کي تيزي سان اڳتي وڌڻو آهي ۽ منزل کي حاصل ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ جاري آهي جنهن ۾ روزانو پوليس، فوج جا آفيسر ۽ جوان شهيد ٿي رهيا آهن، جيستائين مڪمل طور تي امن قائم نه ٿيندو، ترقي جو خواب پورو نه ٿيندو، پاڪ فوج، پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن جون قربانيون سدائين ياد رهنديون. هن چيو ته هلندڙ مهيني مٽاسٽا جو ناڻو 13.1 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي، انهي تيزي سان اسان کي پنهنجي روانگي واپار کي وڌائڻو آهي، هر هفتي ٻن وزارتن جي معاملن تي جائزه اجلاس منعقد ڪيا ويندا. هن چيو ته 190 ملين پائونڊ سان جديد ترين دانش يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، دانش يونيورسٽي ۾ اپلائيڊ سائنسز، آءِ ٽي، اي آءِ، ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ جي جديد تعليم ڏني ويندي، 14 آگسٽ 2026ع کان ان يونيورسٽي جو باضابطا پهريون سيشن شروع ٿيندو.








