اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چلاس ۾ لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري شاهراهه قراقرم جي بندش جو نوٽيس وٺندي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي شاهراهه قراقرم جي فوري بحالي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته رستي تان رڪاوٽون هٽائڻ جو ڪم تيز ڪيو وڃي ۽ شاهراهه قراقرم تي چلاس جي جڳهه تي …
وزيراعظم پاران شاهراهه قراقرم جي فوري بحالي جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چلاس ۾ لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري شاهراهه قراقرم جي بندش جو نوٽيس وٺندي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي شاهراهه قراقرم جي فوري بحالي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته رستي تان رڪاوٽون هٽائڻ جو ڪم تيز ڪيو وڃي ۽ شاهراهه قراقرم تي چلاس جي جڳهه تي ڦاٿل مسافرن خاص طور تي بزرگن، عورتن ۽ ٻارن کي کاڌي پيتي جي سهولت فراهم ڪئي وڃي ۽ رستو کلڻ تائين انهن جي رهائش جو بندوبست پڻ ڪيو وڃي.











