اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان عدالت ڪارڪردگي، شفافيت ۽ فني ترقي کي وڌائڻ لاءِ لاهور يونيورسٽي آف مئنجيمنٽ سائنسز (لمز) ۽ غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي سان مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. مفاهمت جي يادداشت تي باضابطه طور سپريم ڪورٽ طرفان سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار محمد سليم خان، لمز طرفان پروفيسر ڊاڪٽر طارق جدون ۽ غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي طرفان پروفيسر ڊاڪٽر محمد حنيف، سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي موجودگيءَ ۾ صحيحون ڪيون. مفاهمت جي يادداشتن جو مقصد عدالتي خدمتن سان عوام جي اطمينان جو اندازو لڳائڻ ۽ شفافيت کي بهتر بنائڻ لاءِ هڪ فيڊ بيڪ اسڪور ڪارڊ تيار ڪرڻ آهي. ايم او يوز فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي جي تعاون سان خصوصي تربيتي پروگرامن ذريعي اين سي پي اندر آءِ جي صلاحيت کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿا جن ۾ طريقيڪار، سائبر سيڪيورٽي، ڊيٽا اينا ليٽڪس ۽ اُڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جهڙن اهم شعبن جو جائزو ورتو ويو آهي. شرڪت داري سپريم ڪورٽ اندر ڊجيٽل آپريشنز کي هموار ڪرڻ لاءِ آءِ ٽي جي بهترين طريقن، ٽربل شوٽنگ گائيڊز ۽ معياري آپريٽنگ جي طريقيڪار جو مرڪزي ذخيرو قائم ڪندي. عدالتي ڪارڪردگي ۽ شفافيت جي باري ۾ عوام ۽ ڌُرين جي خيالن جو جائزو وٺڻ لاءِ سالياني تاثراتي سروي ڪيا ويندا جنهن جا نتيجا عدالتي سڌارن جي بنياد طور ڪم ڪندا. چيف جسٽس خطاب ڪندي عدالتي نظام کي جديد بنائڻ ۽ ان ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته لمز ۽ جي آءِ ڪي آءِ سان حصيداري هڪ مؤثر، شفاف ۽ عدليه لاءِ ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل حل کي مضبوط ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. پروفيسر ڊاڪٽر طارق جدون ۽ پروفيسر ڊاڪٽر محمد حنيف عدالتي عمل ۽ گورننس کي اڳتي وڌائڻ ۾ تعليمي تعاون کي اجاگر ڪندي چيو ته ان تبديليءَ جي سفر ۾ سپريم ڪورٽ جي حمايت ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. مفاهمت نامو 2027ع تائين لاڳو رهندو. گڏيل معاهدي جي بنياد تي واڌ جي امڪان سان ان حصيداري سان پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل عدالتي سڌارن لاءِ هڪ نئون معيار قائم ڪرڻ جي توقع آهي، جنهن سان هڪ کان وڌيڪ رسائيءَ جوڳي ۽ مؤثر انصاف جي نظام جي راهه هموار ٿيندي.