واشنگٽن-09 مارچ (اي پي پي)آمريڪا جي رياست سائوٿ ڪيرولينا ۾ گرل فرينڊ جي والدين کي بيس بال بيٽ سان قتل ڪندڙ 67 سالن جي شخص کي 15 سالن بعد فائرنگ اسڪواڊ ذريعي موت جي سزا ڏني وئي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق موت جي سزا جي ان طريقي کي قيدي بريڊ سگمون اليڪٽرڪ چيئر يا انجيڪشن ذريعي موت تي ترجيح ڏيندي پاڻ چونڊ ڪئي. بريڊ سگمون گرل فرينڊ کي اغوا ڪرڻ لاءِ 2001ع ۾ ڊيوڊ ۽ گليڊيز لارڪ کي سندن گهر ۾ قتل ڪيو. هن پوليس کي ٻڌايو هو ته هن جو ويڪ اينڊ تي وڃي پاڻ کي ۽ گرل فرينڊ کي مارڻ جو منصوبو هو.