رياض-09 مارچ (اي پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) 13 سالن کانپوءِ شام جي ميمبر شپ بحال ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ ترڪيه جي سفارتي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته شام جي ميمبر شپ 2012ع ۾ معطل ڪئي وئي هئي. جده ۾ او آءِ سي جي غير معمولي وزارتي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شام جي ميمبر شپ جي بحالي جو معاملو موجود هو جنهن جي منظوري ڏني وئي. ذريعن ٻڌايو ته ترڪيه جي پرڏيهي وزير باڪان فيدان شام جي ميمبر شپ جي بحالي جو فيصلو قبول ڪيو آهي، شام جي ميمبر شپ جي فيصلي کان پوءِ شام جي پرڏيهي وزير اسعد حسن الشيباني کي اجلاس ۾ گهرايو ويو، ان کان اڳ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طٰحه اجلاس کي خطاب ۾ چيو ته تنظيم شام جي ميمبر شپ جي حوالي سان پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل فيصلو ڪندي.