مدينو شريف – 08 مارچ (اي پي پي) مسجد نبوي جي انتظاميا زائرين جي سهولت لاءِ اردو، انگريزي ۽ عربي ٻولي ۾ ڊجيٽل نقشا جاري ڪيا آهن جن ذريعي نماز جي وقت ۾ مسجد ۾ گنجائش بابت معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي. ميڊيا رپورٽن موجب انتظاميا پاران جاري ڪيل ڊجيٽل نقشي ذريعي مسجد نبوي جي اندر ۽ ٻاهر صورتحال معلوم ڪرڻ لاءِ ڪيو آر ڪوڊ اسڪين ڪرڻ کان پوءِ اها سهولت حاصل ٿيندي ته مسجد ۾ ڪهڙي جاءِ خالي ۽ ڪهڙي جاءِ ڀريل آهي. ڊجيٽل نقشي ذريعي مسجد نبوي جي 12 جاين جي نشاندهي ٿئي ٿي جنهن جي ذريعي زائرين مسجد ۾ سڌي ريت گنجائش واري جاءِ تي پهچي سگهندا.