واشنگٽن – 07 مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ڏيڍ مهيني اندر سعودي عرب جو دورو ڪندس، صدارت سنڀالڻ کانپوءِ اهو سندس پهريون پرڏيهي دورو هوندو. پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو خطي ۾ ٻيهر امن لاءِ سعودي ولي عهد سان ڪم ڪندو. ان کان اڳ آمريڪي صدر واضح ڪري چڪو آهي ته هو پنهنجي دوري ۾ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات ڪندو. هلندڙ سال ڊيووس ڪانفرنس ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان عظيم شخصيت آهي، هن سان سٺو تعلق آهي. آمريڪي صدر مطابق هو سيڙپڪاري جو ڳاڻيٽو 10 کرب ڊالرن تائين کڻي وڃڻ جي امڪان تي سعودي ولي عهد سان ڳالهه ٻولهه ڪندو.