واشنگٽن – 07 مارچ (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسٽريٽجڪ بٽ ڪوائن ريزرو قائم ڪرڻ جي فرمان تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق وائٽ هائوس ۾ اي آءِ ۽ ڪرپٽو ڪرنسي جي چيف چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ اسٽريٽجڪ بٽ ڪوائن ريزرو بڻائڻ جي حڪم نامي تي صحيحيون ڪيون آهن. هن ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ته ريزرو کي وفاقي حڪومت جي ملڪيت واري بٽ ڪوائن سان ڪيپٽلائيز ڪيو ويندو جنهن کي فوجداري يا ديواني اثاثن جي ضبطگي جي ڪارروائي جي هڪ حصي طور ضبط ڪيو ويو هو. ان جو مطلب آهي ته ان سان ٽيڪس ڏيندڙن جو هڪ پيسو به خرچ نه ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته اندازو آهي ته آمريڪي حڪومت وٽ اٽڪل 2 لک بٽ ڪوائن آهن پر ان جو مڪمل آڊٽ ڪڏهن ناهي ٿيو.