ٽيڪساس – 07 مارچ (اي پي پي) ايلون مسڪ جي خلائي اداري اسپيس ايڪس جو اسٽارشپ خلائي جهاز ٽيڪساس مان روانو ٿيڻ جي ڪجهه منٽن بعد فضا ۾ ڦاٽي پيو. اسپيس ايڪس خميس جي رات پنهنجي وڏي اسٽار شپ ميگا راڪيٽ سسٽم جي اٺين مربوط آزمائشي اڏام جي شروعات ڪئي پر جنوري 2025ع ۾ گذريل ناڪام ٽيسٽ کانپوءِ اها اڏام به تباهي جو شڪار ٿي وئي. ان جو سپر هيوي پهرين مرحلي جو بوسٽر منصوبي مطابق زمين تي واپس اچي ويو هو پر ان دوران ڪنٽرول روم جو جهاز سان رابطو ڪٽجي ويو جنهن جي نتيجي ۾ مٿانهين فضا ۾ هڪ شديد ڌماڪو ٿيو جنهن سبب خلائي ٽريفڪ ۾ خلل پيو ۽ اڏامون روڪيون ويون. سوشل ميڊيا ٿي ڪيترن ئي ويڊيوز ۾ اسٽارشپ جي خلا ۾ ڦاٽڻ کانپوءِ ڏکڻ فلوريڊا ۽ بهاماس ويجهو آسمان ۾ باهه جا شعلا ڏيکاريا ويا. راڪيٽ سسٽم گهربل اوچائي تي پهچڻ کانپوءِ انجڻ کان ڌار ٿيڻ بعد ضابطي مان نڪري چوڦير گهمڻ لڳو. ڪمپني طرفان ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته ان جو جهاز سان رابطو ڪٽجي ويو هو. بنا عملي جي اسپيس ايڪس اسٽارشپ جي آزمائشي اڏام شام 5 لڳي 30 منٽن تي روانو ٿي هئي.