واشنگٽن – 06 مارچ (اي پي پي)وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولين ليويٽ چيو آهي ته آمريڪي انتظاميا يوڪرين لاءِ مالي امداد تي نظر ثاني ڪري رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون کي قومي سلامتي ڪائونسل جي حوالي سان جيڪو ٻڌايو ويو آهي ته يوڪرين لاءِ جيڪا فنڊنگ روڪي هئي ان تي نظر ثاني ڪري رهيا آهيون، جيستائين انٽيليجنس معاملن جو تعلق آهي ان بابت قومي سلامتي ڪائونسل يا سي آئي اي بهتر ٻڌائي سگهن ٿا. واضح رهي ته سي آئي اي جي ڊائريڪٽر جان ريٽڪلف تصديق ڪئي هئي ته آمريڪا يوڪرين سان سموري انٽيليجنس شيئرنگ کي بلڪل روڪي ڇڏيو آهي.