تل ابيب _ 5 مارچ (اي پي پي) اسرائيل جنگ بندي معاهدي جي ٻي مرحلي لاءِ غزه کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جو شرط لڳائي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسرائيل جي پرڏيهي وزير گيدون ساعر چيو ته تل ابيب غزه پٽي ۾ جنگ بندي جي ٻي مرحلي ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهي پر ان معاملي جي فريم ورڪ کي وڌائڻ لاءِ يرغمالين جي آزادي تي هڪ معاهدي ۽ غزه کي مڪمل طور تي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن اسرائيل جنگ طرف واپس وڃڻ چاهي ته ان لاءِ ڪا رڪاوٽ ناهي.