پيرس -04 مارچ (اي پي پي) فرانس ۾ پاڪستان جي سفير ممتاز زهره بلوچ پيرس ۾ منعقد سيلون انٽرنيشنل ڊي ايل ايگريڪلچر 2025ع جي 61هين ايڊيشن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي جنهن ۾ زراعت وارن وزيرن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن زراعت ۽ جانورن جي صحت جي شعبي ۾ تعاون لاءِ فرانس جي زراعت ۽ خوراڪ بابت وزير جي خودمختياري ايني جنيوارڊ ۽ ڊائريڪٽر جنرل ورلڊ آرگنائيزيشن فار اينيمل هيلٿ (ڊبليو او اي ايڇ) ڊاڪٽر ايمانويل سوبير ساڻس ملاقاتون به ڪيون. سفير ايڪسو جو دورو ڪيو، فرانسيسي ۽ يورپي ماهرن ۽ ڪاروباري ماڻهن سان گڏ سيڊ ٽيڪنالاجيز، پائيدار فارمنگ لاءِ علم جي شراڪت، پيري- اربن زراعت جي ترقي ۽ چوپائي مال جي افزائش ۾ جينياتي جنسن ۾ شراڪت تلاش ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون.