واشنگٽن – 04 مارچ (اي پي پي) آمريڪي خلائي ڪمپني اسپيس ايڪس فني خرابي سبب اٺون اسٽارشپ راڪيٽ لانچ ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اٺين اسٽارشپ راڪيٽ کي شام 5 لڳي 45 منٽن تي لانچ ٿيڻو ھو، جنھن کي آخري وقت تي روڪيو ويو. اٺين فلائيٽ ٽيسٽ ۾ انھن مقصدن کي ھدف هيٺ رکيو ويندو جيڪي گذريل ٽيسٽ ۾ حاصل نه ٿي سگهيا هئا، اسپيس ايڪس جو اسٽارشپ خلائي جھاز ۽ سپر ھيوي راڪيٽ، جنھن کي اسٽارشپ چيو ويندو آھي، مڪمل طور ٻيھر استعمال جي قابل بڻائڻ جي نظام جي نمائندگي ڪري ٿو، جيڪو عملي ۽ سامان ٻنھي کي زمين جي مدار، چنڊ، مريخ ۽ ان کان اڳيان کڻي وڃڻ لاءِ ڊزائن ڪيو ويو آھي.