واشنگٽن _4 مارچ (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته يوڪرين صدر ولاديمير زيلنڪسي امن نٿو چاهي، آمريڪا کيس وڌيڪ برداشت نه ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي يوڪرين جي صدر جي بيانن جي تصوير پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هن زور ڀريو هو ته روس سان جنگ جو خاتمو گهڻو پري آهي. ڊونلڊ ٽرمپ انهن لفظن تي تبصرو ڪندي لکيو ته اهو بدترين بيان آهي جيڪو زيلنڪسي طرفان ڏئي سگهجي ٿو. آمريڪا ان کي وڌيڪ برداشت نه ڪندو. مان اهو ئي چئي رهيو آهيان ته زيلنڪسي ان وقت تائين امن نٿو چاهي جيسيتائين آمريڪا ۽ يورپ جي حمايت حاصل هجي. صدر ٽرمپ چيو ته هن زيلنڪسي سان ملاقات ۾ واضع طور تي چيو هو ته يوڪرين آمريڪا کانسواءِ ڪم نٿو ڪري سگهي، شايد اهو روس خلاف طاقت ڏيکارڻ جي حوالي سان ڪو وڏو بيان ناهي. واضع رهي ته يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنڪسي پنهنجي تازن بيانن ۾ چيو هو ته يوڪرين ۽ روس وچ ۾ جنگ جي خاتمي جو معاهدو اڃان پري آهي. هن چيو هو ته هو آمريڪي صدر سان تازو ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن باوجود آمريڪي حمايت حاصل ڪرڻ جي اميد رکي ٿو.