بغداد _ 28 فيبروري (اي پي پي) عراق چيو آهي ته آمريڪا اسان تي ايران تي دٻاءُ وڌائڻ جو چيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه عراقي پرڏيهي وزير فواد حسين هڪ انٽرويو ۾ چئي آهي. ان ڳالهه کي تسيلم ڪيو ته آمريڪا ايران تي دٻاءِ وڌائڻ جو چيو آهي. جڏهن ته اسان جو ملڪ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ پنهنجي لاڳاپن کي توازن ۾ رکڻ چاهي ٿو. هن چيو ته آمريڪا ايران مان گيس جي درآمد روڪڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي جڏهن ته هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته عراق کي اميد آهي ته هو آمريڪي انتظاميه سان اقتصادي ڳالهيون جاري رکندو. فواد حسين انڪشاف ڪيو ته آمريڪا هٿيار بند گروپ جي حيثيت جي حوالي سان غير سرڪاري پيغام موڪليا هئا. هن چيو ته عراق تي حملو ڪرڻ جون اسرائيلي ڌمڪيون اڃان به موجود آهن. جيسيتائين ملڪ سان اتحادي فوج جو تعلق آهي آمريڪي فوج جي واپسي جو وقت تبديل نه ٿيو آهي.