جنيوا -28 فيبروري (اي پي پي) عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي اطلاع ڏنو آهي ته ايران رچاءَ واري يورينيم جي مقدار ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابروا اداري جي رپورٽ موجب آءِ اي اي اي پاران بورد آف گورنرز جي ميمبر ملڪن سان هر ٽن مهينن کانپوءِ شيئر ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايران رچاءَ ٿيل يورينيم جي ذخيرن ۾ نمايان اضافو ڪري 60 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نومبر ۾ شيئر ڪيل آخري رپورٽ کي اٽڪل ٽي مهينا گذري چڪا آهن ۽ 8 فيبروري کان وٺي هن وقت تائين رچاءَ ٿيل يورينيم جي ذخيرن ۾ 92.5 ڪلو گرام جو اضافو ٿيو آهي. رپورٽ ۾ آءِ اي اي اي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايران پاران يورينيم جي پيداوار ۽ ذخيرن ۾ نمايان اضافو سنگين خدشن کي جنم ڏئي ٿو ڇاڪاڻ ته اهو واحد ملڪ آهي جيڪو ان قسم جو ايٽمي مواد تيار ڪندو آهي.