اسلام آباد – 27 فيبروري (اي پي پي) انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي مشهور فاسٽ بالر جوفرا آرچر هم وطن اڳوڻي فاسٽ بالر اينڊرسن جو ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 21 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. 29 سالن جي ساڄي هٿ جي فاسٽ بالر جوفرا آرچر قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ چيمپيئنز ٽرافي جي اٺين ميچ ۾ افغانستان خلاف شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي نئون رڪارڊ قائم ڪيو. جوافرا آرچر افغانستان جي اننگز جي شروعات ۾ 2 اهم وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ ان سان گڏ ئي هو انگلينڊ جي عظيم فاسٽ بالر جيمز اينڊرسن جو رڪارڊ ٽوڙي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 50 وڪيٽون حاصل ڪندڙ انگلينڊ جو تيز ترين بالر بڻجي ويو. ان کان اڳ جيمز اينڊرسن 2004ع ۾ ويسٽ انڊيز خلاف 31 ميچن ۾ اهو سنگ ميل پار ڪيو هو، پر 29 سالن جي جوافرا آرچر رڳو 30 ميچن ۾ 50 وڪيٽون حاصل ڪري اهو ڪارنامو انجام ڏنو. ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀني کان تيز 50 وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو عالمي رڪارڊ اڳوڻي سريلنڪن اسپنر اجنٿا مينڊس وٽ آهي، جنهن 2009ع ۾ رڳو 19 ميچن ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏنو هو.