ماسڪو-26 فيبروري (اي پي پي) روس يوڪرين ۾ يورپي فوج جي مقرري رد ڪري ڇڏي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق ته ڪريملن هاس جو چوڻ آهي ته روس جي نادر معدنيات جي وڏن ذخيرن جي حوالي سان آمريڪا سان سهڪار ج موقعا ڏسي رهيا آهيون. روسي صدر ولاديمير پيوٽن هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ چيو ته اسان روس کي واپس ملندڙ پنهنجي نئين ايراضي تي پرڏيهي ڪمپنين جي آجيان لاءِ تيار آهيون. اسان نون علائقن ۾ پنهنجي شراڪتدارن سان گڏ ڪم لاءِ تيار آهيون جن ۾ آمريڪي به شامل آهن. هن چيو ته روس يوڪرين ۾ موجود قدرتي ذخيرن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ذخيرن جو مالڪ آهي ۽ انهن ذخيرن مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا.