جڪارته-26 فيبروري (اي پي پي)انڊونيشيا ۾ 6.0 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا . پرڏيهي خابرو اداري مطابق ملڪ جي موسميات۽ جيو فزڪس ايجنسي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته اربع ڏينهن انڊونيشيا جي اتر سولاويسي صوبي ۾ 6.0 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا . زلزلي جو مرڪز اوڀر بولانگ مونگونڊو کان 45 ڪلو ميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ هو . واضع رهي ته انڊونيشيا ٻيٽ وارو ملڪ آهي جيڪو زلزلي جي لحاظ سان پيسفڪ رنگ آف فائر جي اندر واقع آهي، جتي اڪثر زلزلا ايندا رهندا آهن.