گڏيل قومون-25 فيبروري (اي پي پي) روس چيو آھي ته يوڪرين بحران تي سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل آمريڪي ٺھراءُ تڪرار جي پرامن حل طرف وڌيڪ ڪوششن جي ھڪ شروعات آھي. سلامتي ڪائونسل گذريل ڏينھن آمريڪا جي تجويز ڪيل ٺھراءَ جي منظوري ڏني. پرڏيھي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن ۾ روس جي مستقل نمائندي چيو ته يوڪرين جي بحران تي آمريڪا جي تجويز ڪيل ٺھراءَ، جنھن کي سلامتي ڪائونسل گذريل ڏينھن منظور ڪيو آھي، پرامن حل ڏانھن وڌيڪ ڪوششن جي ھڪ شروعات آھي. ھن چيو ته منظور ڪيو ويو متن ڪامل نه آھي پر اھو بنيادي طور سلامتي ڪائونسل طرفان ھڪ تعيري ۽ مستقبل جي حوالي سان دستاويز تيار ڪرڻ جي پھرين ڪوشش آھي، جيڪو تڪرار جي باھه پکيڙڻ بجاءِ امن جي رستي جي ڳالھه ڪري ٿو. ھن چيو ته منظور ڪيل ٺھراءَ ۾ تڪرار جي فوري خاتمي جي اپيل ڪئي وئي، ھن جاني نقصان تي افسوس جو اظھار ڪيو ۽ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ ڊگھي امن تي زور ڀريو.