بيجنگ- 24 فيبروري (اي پي پي) چيني صدر شي جن پنگ چيو آهي ته چين ۽ روس هڪ ٻئي جا سٺا پاڙيسي آهن، جيڪي ڪڏهن جدا نٿا ٿي سگهن ۽ اهي مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جا سچا دوست آهن. اهڙن خيالن جو اظهار چيني صدر، روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ٽيلي فونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ ڪيو. شي جن پنگ چيو ته چين ۽ روس جا لاڳاپا ڪنهن ٽين ڌر خلاف نه آهن ۽ نه ئي اهي ڪنهن ٽين ڌر کان متاثر ٿين ٿا. چين ۽ روس جي ترقي جي حڪمت عملي ۽ پرڏيهي پاليسي ڊگهي آهي، چاهي عالمي صورتحال ڪيتري ئي تبديل ڇو نه هجي، چين ۽ روس جا لاڳاپا هڪ ٻئي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مددگار ثابت ٿيندا ۽ عالمي لاڳاپن ۾ استحڪام ۽ هاڪاري توانائي فراهم ڪندا. روسي صدر چيو ته چين جي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ روس جي ڊگهي وقت واري حڪمت عملي جي چونڊ آهي، اهي ڪي عارضي قدم نه آهي ۽ نه ئي اهي ڪنهن خاص واقعي يا پرڏيهي عملن سان متاثر ٿيندا آهن.