تهران-21 فيبروري (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پزيشڪان چيو آهي ته اسان ڪا قيمت ادا ڪرڻ کانسواءِ آمريڪا سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. پرڏيهي ايجنسي موجب هن حڪومتي ميمبرن ۽ ايران جي گورنر سان هڪ اجلاس دوران پنهنجي آمريڪي هم منصب ڊونلڊ ٽرمپ تي تنقيد ڪندي چيو ته اسان اهو قبول نٿا ڪري سگهون ته ڪو اسان جو ڪنڌ ماپي ۽ پوءِ ڳالهيون ڪريو. هن چيو ته آمريڪي صدر گذريل سمورن پاسدارين کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ايران ڳالهين کان اڳ ڪنهن به اهڙي شرط يا ڊيل جو حصو نٿو بڻجي سگهي جنهن ۾ آمريڪا کي اسرائيل جي حمايت حاصل هجي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ڳالهيون چاهيون ٿا پر ڊونلڊ ٽرمپ اسان جي ڳچي ماپي رهيو آهي ۽ ايران اهڙين ڳالهين کي رد ڪري ٿو جنهن ۾ دٻاءُ شامل هجي.