اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن (انٽرنيشنل مدرز لينگويج ڊي) ڪالهه جمعي تي ملهايو ويو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي ماتحت اداري يونيسڪو، پاڪستان جي حڪومت سميت ٻين سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي شراڪت سان خاص واڪس، سيمينارز، ڪانفرنسز ۽ ٻيون تقريبون منعقد ڪيون ويون.مادري ٻولي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اڪادمي ادبيات جي انتظام هيٺ پڻ مختلف تقريبون منعقد ڪيون ويون ۽ ورلڊ پنجابي ڪانگريس پاران پڻ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. واضع رهي ته 21 فيبروري 1952ع ۾ ڍاڪا يونيورسٽي ۾ ٻولين جي تڪرار تي شاگردن جي جهيڙي کانپوءِ پوليس جي فائرنگ سبب 4 شاگرد مارجي ويا هئا جنهن کانپوءِ 17 نومبر 1999ع تي يونيسڪو انٽرنيشنل مدرز لينگويج ڊي ملهائڻ لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي مان ٺهراءُ منظور ڪرايو جنهن جي روشني ۾ 21 فيبروري 2000ع ۾ پهريون ڀيرو مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو هو. ان موقعي تي منعقد تقريبن ۾ مادري ٻولين کي هٿي ڏيڻ لاءِ سفارشون به پيش ڪيون ويون.