دبئي-21 فيبروري (اي پي پي ) پولينڊ جي مشهور ٽينس اسٽار، عالمي نمبر ون ۽ ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ آئيگا سويٽيڪ ڊبليو ٽي اي دبئي اوپن ٽينس ٽورنامنٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ هارائي ايونٽ مان ٻاهر ٿي وئي. 17 سالن جي روسي ٽينس اسٽار ميرا اينڊ يو بهترين راند پيش ڪندي عورتن جي سنگل مقابلن جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ آئيگا سويٽيڪ کي شڪست ڏئي ٽاپ فور رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو . گڏيل عرب امارات ، دبئي جي ايوي ايشن ڪلبٽينس سينٽر تي ڊبليو ٽي اي دبئي اوپن ٽينس ٽورنامنٽ جا دلچسسپ ۽ سخت مقابلا جاري آهن.