نيويارڪ – 20 – فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو هڪ غيرمعمولي اجلاس 7 مارچ تي جده ۾ ٿيندو جنهن ۾ غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. نائب وزيراعظم پنهنجي ٽن ڏينهن جي آمريڪا جي دوري جي پڄاڻي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ميڊيا کي غزه جي ماڻهن کي مصر يا اردن منتقل ڪرڻ ۽ بعد ۾ اسرائيل پاران سعودي عرب ۾ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي تجويزن کانپوءِ ايران، مصر، ملائيشيا، گڏيل عرب امارات، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي هم منصبن سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ذريعي آگاهه ڪيو. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه دوران سمورن پرڏيهي وزيرن مارچ جي شروع ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو فوري غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو ته جيئن صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي ۽ عالمي سطح تي او آءِ سي جو موقف پيش ڪري سگهجي. هن چيو ته اطلاعن موجب عرب اڳواڻ 27 فيبروري ۽ نار اڳواڻن جي ملاقات 5 مارچ تي ٿيڻي آهي جنهن کانپوءِ 7 مارچ تي جده ۾ او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو غيرمعمولي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ هو پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ گهڻ رخي ۽ گلوبل گورننس تي ٿيندڙ مباحثي ۾ شرڪت جي لاءِ آمريڪا جي دوري تي هو، هن صحافين کي ٻڌايو ته مشاورت کان اڳ پاڪستان به لڏپلاڻ جي تجويزن تي سخت بيان جاري ڪيو آهي ڇو ته فلسطيني عوام کي پنهنجي سرزمين تي سمورا حق حاصل آهن. هن گذريل سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خطاب جو ذڪر ڪندي چيو ته هن جرئتمنداڻو ۽ واضح موقف اختيار ڪيو ۽ 50 هزار فلسطينين جي قتل ۽ انفراسٽرڪچر جي تباهي جو ذميوار اسرائيل کي قرار ڏنو. محمد اسحاق ڊار چيو ته محدود وسيلن جي باوجود پاڪستان امدادي سامان جون ڪيتريون ئي کيپ غزه، لبنان ۽ شام موڪليون، ان کانسواءِ 200 جي لڳ ڀڳ فلسطيني ميڊيڪل شاگردن جي ميزباني پڻ ڪئي ته جيئن اهي پاڪستاني ميڊيڪل ڪاليجز ۾ پنهنجي طبي تعليم مڪمل ڪري سگهن. نائب وزيراعظم ميڊيا کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ سعودي عرب ۽ هنگري جي هم منصبن سان ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته ڳالهه ٻولهه دوران هن ڪشمير مسئلي سان گڏوگڏ تڪراري علائقي ۾ ڀارت پاران ڪيل غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي پڻ اٿاريو. نائب وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان سدائين ڪشمير ۽ فلسطين جي مسئلن تي پنهنجو موقف پيش ڪندي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان بار بار افغان عبوري حڪومت کي چيو آهي ته اها ٽي ٽي پي جي خلاف ڪارروائي ڪري جنهن جون افغانستان ۾ پناهگاهون آهن ۽ اهو ته ڪراچي ۽ بشام ۾ چيني شهرين تي حملن جي جاچ ۾ اها به ڳالهه سامهون آئي آهي ته ان جي منصوبابندي ۽ مالي مدد به افغانستان مان ڪئي وئي هئي.