اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسيمبلي ميمبرن کي پنهنجي تڪن ۾ عوام سان رابطا وڌائڻ ۽ انهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اسيمبلي ميمبرن محسن شاهنواز رانجها، شاهه محمد شاهه، محمد ادريس ۽ احسان الحق باجوه جدا جدا ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي ميمبرن تازي معاشي استحڪام تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم اسيمبلي ميمبرن کي پنهنجي تڪن ۾ عوام سان رابطا وڌائڻ ۽ انهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.